SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڌُنڌلو هيٺالو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ڌُنڌلو هيٺالو

Foggy Bottom

فاگي باٽم

ارڙهين يا اُڻويهين صدي عيسويءَ ۾ ، آمريڪي گاديءَ جي شهر واشنگٽن ڊي- سي جي هڪ علائقي جو نالو Foggy Bottom رکيو ويو. اِهو علائقو واشنگٽن شهر جي مشهور ’پوٽومڪ‘ نديءَ جي ڀرسان آهي، جتي ڪوهيڙو (Fog) تمام گهڻو ٿيندوآهي. واشنگٽن ڊي سي ۽ آمريڪا جي جڳ مشهور تعليمي اداري جارج واشنگٽن يونيورسٽيءَ سميت، آمريڪا جا تمام اهم ۽ وڏا ادارا، انهيءَ علائقي جي آسپاس موجود آهن، سو ان حصي جي سياسي اهميت کي ڏسندي، آمريڪي ميڊيا جا ماڻهو مُلڪ جي پرڏيهي وزارت يعني اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ان علائقي ۾ موجودگيءَ کي نظر ۾ رکندي، ان کي Foggy Bottomجي خطاب سان به سڏيندا آهن. انهيءَ جو ٻيو سبب اهو به آهي ته آمريڪي پرڏيهي معاملن بابت فيصلا Foggy Bottom جي علائقي يا ان جي اردگرد آفيسن منجهه ڪيل گڏجاڻين ۾ ٿيڻ ڪري ميڊيائي حلقن کي اتان کان گرما گرم ۽ اهم خبرون ملنديون رهنديون آهن. ڌُنڌ ۽ اوجهڙ هُئڻ، باوجود علائقي جي سياسي اهميت ۽ ٿيندڙ فيصلن جي پيچيدگيءَ کي، انهيءَ اصطلاح ذريعي تخليقي ۽ تجريدي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي


Remember Me Also:

ماڻهپائي

ماڻِهپَائِي جمع ماڻِهپَائِيُون

ث . ماڻُهپو، ماڻُهئائي، انسانيت، بشريت، شخصيت، آدميت، ماڻُهنُئَاڻو. ڀل مانسائي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal